پنج ند

پنج ند: صوبي پنجاب جي ضلعي بهاولپور ۾ اُچ شريف جي ويجهو اها جاءِ، جتي چناب ۽ ستلج پاڻ ۾ اچي ملن ٿيون. مٺڻ ڪوٽ پتڻ جي ويجهو پنج ند جو علائقو اچي ٿو. عام طرح پنجاب جي پنجن ندين- جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج جي گڏيل وهڪري واري هنڌ ۽ اُنهن ندين جي وهڻ واري علائقي کي ’پنج ند‘ چيو وڃي ٿو. پنج ند واري هنڌ تان ڪيتريون نهرون ڪڍيون ويون آهن. نهر عباسيه ۽ نهر پنجند هڪ وڏي زرعي علائقي کي پاڻي فراهم ڪنديون آهن. پنج ند جي ڇوڙ کان ٿورو پهرين درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي هڪ ڦٽل شهر جا نشان موجود آهن، جنهن کي درياهه پائي ويو هو. باقي هڪ مسجد جو محراب وڃي بچيو آهي. پنج ند واري مقام تي درياهه تمام سهڻي شڪل وٺي ٿو. پنج ند جو پاڻي نيرو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته پنجاب جي ندين جا بئراج پاڻي جهليو بيهن ٿا ۽ اهو پاڻي سمي وهي ٿو. پنج ند جو پاڻي هڪ واهڙ وانگر سنڌو درياهه ۾ پوي ٿو ۽ محسوس ئي نٿو ٿئي ته ان واهڙ ۾ پنجن ندين جو پاڻي آهي. جڏهن ته سنڌو درياهه پنهنجو پيٽ بنهه تراکڙو، ڪري پاڻيءَ کي ميلن ۾ پکيڙي ڇڏي ٿو ۽ هتي درياهه سمنڊ جو ڏيک ڏئي ٿو.


لفظ پنج ندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو